اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته جنيوا ۾ ٿيندڙ اعليٰ سطحي ڪانفرنس ۾ شرڪت جو مقصد ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي سلسلي ۾ پاڪستا?? جي عوام ۽ حڪومت جي لاءِ عالمي حمايت حاصل ڪرڻ آهي، ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پائيدار حڪمت عملي سميت فوري طور تي فنڊز سميت وسيل?? جي کوٽ کي پورو ڪرڻ آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان هيومنٽيرين فورم (پي ايڇ ايف) جي پينل تي عالمي غيرسرڪاري تنظيمن (آءِ اي?? جي اوز) جي ڪنٽري ڊائريڪٽرز جي وفد سان ملاقات ۾ ڪيو جنهن ۾ ايندڙ 9 جنوري تي جنيوا ۾ عالمي ڪانفرنس جي لاءِ مشاورت ڪئي وئي. حڪومت ٽي ڪروڙ 30 لک ٻوڏ متاثري?? جي بحالي لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي ۽ متاثر ماڻهن جو اهو تمام وڏو انگ آهي. ٻوڏ جي ڪري انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير جي لاءِ اسا?? جي سورنهن ارب آمريڪي ڊالر جي فراهمي لازمي آهي ڇو ته نئين سر تعمير جو عمل مڪمل ٿيڻ هڪ ٻي موسم اسان کي متاثر ڪري سگهي ٿي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ڪانفرنس ۾ريزيليئنٽ ريڪوري، بحالي ۽ نئين سر تعمير جو فريم ورڪ (آر ايف 4) پيش ڪندو، جنهن ۾ ٻوڏ کانپوءِ جي بحالي، بحالي ۽ نئين سر تعمير جي منصوبن ۽ انتظام شامل آهن. ڪانفرنس جي گڏيل صدارت وزيراعظم پاڪستان ميان محمد شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس ڪندا. اسان پنهنجي عالمي حصيدار?? جي حمايت ۽ تعاون جا ٿورائتا آهيون ۽ اسان پاڪستان ۾ رونما ٿيندڙ ماحولياتي ۽ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٺوس طريقن ۽ ذريع?? جي ڳولا جا منتظر آهيون جنهن ۾ صوبائي موقف جو اظهار پڻ شامل آهي. وفاقي وزير پاڪستان ۾ آءِ اي?? جي ??وز پاران ڪئي ويندڙ انس??ني امدادي ڪوششن کي ساراهيو، خاص طور تي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ جنهن 33 ملين ماڻهن کي متاثر ڪيو. پي ايڇ ايف جي ميمبر آءِ اي?? جي ??وز ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ 150 ملين آمريڪي ڊالر جمع ڪيا آهن. ماحولياتي تبديلي واري وزارت ۽ آءِ اي?? جي ??وز کي هيٺئين سطح تي ماحولياتي تبديلين بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ تعاون ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته آءِ اي?? جي ??وز کي مستقبل جي لاءِ پنهنجي تزويراتي موقف ۾ ماحولياتي تبديلي?? جي اثرن کي به شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي جڏهن ته ان حوالي سان حصيدارن جون تجويزون به معنيٰ خيز ثابت ٿينديون. وفد ۾ پاڪستان هيومنٽيرين فورم، انٽرنيشنل ريسڪيو ڪميٽي، آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ، مرسي ڪور، مسلم ايڊ، مسلم هينڊز، ويلٿنگر هيلپ ۽ آڪسفيم جي ڪنٽري ڊائريڪٽر شرڪت ڪئي.