اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان جي لانگ مارچ ۾ فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سياسي ميدان خوني ميدان نه بڻجڻ گهرجن، هي افسوسناڪ واقعو آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته واقعي کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي، پنجاب پوليس، پنجاب جي انتظاميا، پنجاب جا انٽيليجنس ادارا واقعي جي جاچ ڪري حقيقتون عوام آڏو آڻين. هن چيو ته سينيٽ جي اطلاعات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد جي فوٽيج ڏٺي، هو زخمي ٿيو آهي، ان جي صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. هن چيو ته وزيراعظم واقعي جي شروعاتي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. هن چيو ته هي واقعو پنجا?? حڪومت جي حدن ۾ ٿيو آهي، ان واقعي تي قياس آرائيون نه ٿيڻ گهرجن، هي حساس معاملو آهي، اهڙن واقعن تي قياس آرائين سان وڌيڪ اشتعال پيدا ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ميڊيا کي ذمي??ار?? جو مظاهرو ڪندي پنجاب پوليس ۽ پنجا?? حڪومت پاران ايندڙ حقيقتن کي نشر ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پنجا?? حڪومت، آءِ جي پوليس ۽ چيف سيڪريٽري پنجاب سان رابطي ۾ آهي، جيئن ئي ڪا تصديق ??يل اطلاع ملي ٿي اها ميڊيا سان شيئر ڪئي ويندي. هن چيو ته پنجا?? حڪومت جهڙي طرح جو تعاون چاهيندي، وفاقي حڪومت فراهم ڪندي. اسان پنجا?? حڪومت جي رپورٽ جو انتظار ڪري رهيا آهيون.