سکر-27ڪٽوبر (اي پي پي) خيرپور ۾ 27 آڪٽوبر تي ڪشميرين سان يوم ڪشمير طور ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، ضلعي انتظاميه ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي وڏي ريلي ڪڍي وئي، ريلي سول سينٽر کان پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي ڊپ??ي ڪمشنر خيپور ڊ??ڪٽر شرجيل نور چنا ۽ ايس ايس پي مير روحل خان کوس?? ڪئي، ريلي ۾ اي ڊي ??ي ڪبير شاهه، اي ڊي سي ظفر عباس عباسي، صفدر ميراڻي سميت مختلف شعبن سان تع??ق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. ڊپ??ي ڪمشنر ڊ??ڪٽر شرجيل نور چنا خطاب ڪندي چيو ته اڄ جي ڏينهن ڀارتي فوج ڪشمير تي غير قانوني قبضو قائم ڪيو، ڀارت طرفان ڪيل اڳرائي خلاف گڏ ٿيا آهيون، هن چيو ته 1948ع ۾ گڏيل قومن جي منظور ٿيل قراردادن موجب ڪشميرين کي انهن جا حق ڏنا وڃن، پاڪستان هر سطح تي ڪشميرين جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.