اسلام ??باد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ چيو آهي ته تازي بدترين ٻوڏ، مالياتي ۽ ٻاهرين ادائيگين ۾ توازن لاءِ سخت گير پاليسين سبب مالي سال 2023ع ۾ پاڪستان جي ??عيشت جي ??اڌ جي شرح 3.5 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي. اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ ايشين ڊولپمينٽ آئوٽ لڪ 2022ع جي ??الي سان شايع ٿيل رپورٽ ۾ چئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2020ع ۾ 6 سيڪڙو واڌ جي باوجود هاڻوڪي بدترين ٻوڏ، مالياتي ۽ ٻاهرين ادائيگين ۾ توازن لاءِ سخت گير پاليسين سبب مالي سال 2023ع ۾ پاڪستان جي ??عيشت جي ??اڌ جي شرح 3.5 سيڪڙو تائين رهندي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مالي سال 2022ع ۾ مقامي گه??ج ۾ اضافو، زراعت، خدمتن ۽ وڏين صنعتن جي ??يداوار ۾ نمايان واڌ سبب جي ??ي پي ۾ 6 سيڪڙو اضافو ممڪن ٿيو تنهن هوندي به 2023ع ۾ ماحولياتي رڪاوٽن، ڊبل ڊيجٽ ناڻي واڌ ۽ سخت مالي ۽ مالياتي پاليسي سبب پاڪستان ۾ جي ??ي پي جي ??اڌ جي اڳڪٿي کي گهٽ رکيو ويو آهي، پاڪستان ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ينگ يي ٻڌايو ته تازي بد ترين ٻوڏ پاڪستان جي ??عاشي منظرنامي لاءِ وڏا خطرناڪ خدشا پيدا ڪيا آهن، هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته ٻوڏ کانپوءِ نئين سر تعمير ۽ بحالي جي سرگرمين لاءِ چڱي خاصي عالمي مدد حاصل ٿيندي جنهن سان واڌ ۾ اضافي کانسواءِ سماجي ترقي ۽ معاشري جي ??عاشي طور تي ڪمزور طبقن کي محفوظ بڻائڻ ۾ مدد ملندي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سال 2022ع ۾ گه??ج ۾ 10 سيڪڙو اضافو ٿيو جنهن سان روزگار ۽ ماڻهن جي آمدني ۾ اضافو ٿيو، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سال 2022ع ۾ زراعت جي شعبي ۾ 4.4 سيڪڙو جي ??اڌ ٿي تنهن هوندي به ٻوڏ سبب ايندڙ سال ۾ ان شعبي ۾ وڏي واڌ جي اميد آهي. رپورٽ ۾ ناڻي واڌ جو دٻاءُ ۽ ان جي شرح 18 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.