اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ پاڪستان ۽ گڏيل عرب ام??رات جي وچ ۾ انساني همدردي ج?? بنياد تي قائم فضائي رابطي ج?? تسلسل ۾ گڏيل عرب ام??رات مان ٽي ام??ادي اڏامون پاڪستان پهچي ويون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب انهن مان هڪ اڏام جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي ۽ ٻه اڏامون نور خان ايئربيس راولپنڊي پهتيون. گڏيل عرب ام??رات مان مجموعي طور تي 29 اڏامون خوراڪ، طبي سامان ۽ خيما وغيره کڻي پاڪستان پهتيون آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان هن سنگين بحران جي گهڙيءَ ۾ حمايت ۽ يڪجهتي ج?? مظاهرو ڪرڻ ت?? گڏيل عرب ام??رات جي حڪومت ۽ عوام جو ٿورائتو آهي.