اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذر??ائ??جان جي صدر الهام حيدر عليوف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ آذر??ائ??جان پاران پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ فراخدلاڻي امداد ??ي سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب آذر??ائ??جان پاران 2 ملين ڊالر جي امداد ??و ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان چوماسي دوران معمول کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ برساتن جي ڪري شديد ترين ٻوڏ جي لپيٽ ۾ آهي، جنهن جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي جاني نقصان سان گڏوگڏ ماڻهن جي ذرائع معاش ۽ انفراسٽرڪچر کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. ان جي نتيجي ۾ متاثر ماڻهن کي امداد ??ي فراهمي ۽ انهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪرڻ جون ڪارروايون تمام محدود رهيون آهن. وزيراعظم توانائي سميت مختلف شعبن ۾ آذر??ائ??جان سان پاڪستان جي تعاون کي وڌيڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ جي پنهنجي پڪي عزم کي ورجايو. پاڪستان ۽ آذر??ائ??جان گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ اي سي او جهڙن عالمي فورمن تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪن ٿا. آذر??ائ??جان او آءِ سي جي ڄمون ڪشمير بابت رابطا گروپ جو ??ڪ اهم ميمبر اهي. ٻنهي ملڪن جي عوام ديني ۽ ثقافتي وابستگي ۽ گهري تاريخي رشتن ۾ ٻڌل آهي.