اسلام آباد– 30 – آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اميد آهي ته عالمي برادري ??اڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي لاءِ گڏيل قومن پاران اعلان ڪي?? فنڊنگ کي پورو ڪرڻ ۾ پنهنجو حصو وجهندي، حڪومت سڄي ملڪ جي ماڻهن جي لاءِ ريليف فنڊ پڻ قائم ڪي?? آهي ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ماڻهن جي لاءِ ٻوڏ جي امدادي ڪوششن ۾ عطيا ڏيڻ جا انتظام ڪيا آهن. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم شهباز شريف سان يورپين يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مشيل ٽيليفون تي رابطو ڪي??. يورپين ڪائونسل جي صدر پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي زيان ۽ ملڪيتن جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪي??. وز??راعظم يورپي ي??نين جي صدر جا همدردي جي اظهار ۽ پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ يورپي ي??نين پاران 2.15 ملين يورو جي امداد تي ٿورا مڃيا. يورپي ي??نين جي صدر کي غيرمعمولي برساتن سان سڄي پاڪستان ۾ ٿيندڙ وسيع پئماني تي تباهي کان آگاهه ڪندي وز??راعظم چيو ته ٻوڏ سان انساني جانين، روزگار، چوپائي مال، فصلن، نجي ملڪيتن ۽ انفراسٽرڪچر کي وڏي پئماني تي نقصان پهتو آهي. وز??راعظم وڌيڪ چيو ته افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته هي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خدشو آهي ڇو ته ٻن مهينن کانوڌيڪ ٻوڏ جي ور چڙهيل علائقن ۾ برساتن جو سلسلو جاري رهڻ جو امڪان آهي. وز??راعظم يورپي ي??نين جي صدر کي حڪومت جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ريسڪيو ۽ امدادي ڪاررواين کان پڻ آگاهه ڪي?? جنهن ۾ ٻوڏ متاثرين ۾ خوراڪ، دوائن ۽ امدادي سامان جي فوري ??هچ ۽ ورڇ شامل آهي. حڪومت سڄي ملڪ جي ماڻهن جي لاءِ هڪ ريليف فند پڻ قائم ڪي?? آهي ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي لاءِ ٻوڏ جي امدادي ڪوششن ۾ عطيو ڏيڻ جا انتظام ڪيا آهن. وز??راعظم وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن جي فليش اپيل اڱاري تي شروع ٿي وئي آهي ۽ ان اميد جو اظهار ڪي?? ته عالمي برادري گڏيل قومن پاران اعلان ڪي?? فنڊنگ کي پورو ڪرڻ ۾ پنهنجو حصو وجهندي.