اسلام آ??اد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قطر جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي دوحه پهچي ويو آه??، قطر جي ??را??سپورٽ واري وزير جاسم سيف السليطي دوحه جي هوائي اڏي تي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني جي دعوت تي قط?? جو دورو ڪري رهيو آه??. وزيراعظم جو قط?? جو دورو پاڪستان قطر ٻطرفن لا??اپن، واپار، سيڙپڪاري ۽ علائقائي امن جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي تعاون جي فروغ جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آه??. وزارت عظميٰ سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم جي پهرين قطر جي دوري جي دوران پاڪستان ۾ زراعت، قابلت جديد توانائي، هوابازي، انفراسٽرڪچر، سياحت، لائيف اسٽاڪ، کاڌي پيتي جي شين جي درآمدي، صنعت ۽ ٻين شعبن ۾ قطري سيڙپڪاري کي فروغ ملندو. قطر جي دوري دوران وزيراعظم قطر جي امير ۽ قطر جي ٻي اعليٰ قيادت سان ملاقاتون ڪندو.