اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) وزي??اع??م شهباز شريف سان پاڪستان ۾ آسٽريليا جي نئين مقرر ٿيل هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزي??اع??م گذريل سالن دوران ٻطرفن لاڳاپن ۾ٿيندڙ مستحڪم اڳڀرائي کي ساراهيو ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري، ز??اع?? سميت ڪڻڪ جي پيداوار، چوپائي مال سميت لائيو اسٽاڪ، تعليمي ۽ تڪنيڪي تعاون، سڌوسنئون مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي خواهش ۽ عزم کي ورجايو. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ افغانستان مان پ??هنجي شهرين ۽ ٻين ماڻهن جي محفوظ انخلا ۾ پاڪستان جي بطور سهولتڪار ڪرار تي ٿورا مڃيا. وزي??اع??م ان تعاون تي روشني وڌي جيڪو پاڪستان افغانستان جي صورتحال جي ڏس ۾ خاص طور تي گذريل سال آگسٽ کان عا??مي برادري سان جاري رکيو. وزي??اع??م وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڀارت سان برابري، انصاف ۽ گڏيل احترام ج?? اصولن تي ٻڌل پرامن لاڳاپن جو خواهشمند اهي. ان ڏس ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام ج?? خواهشن موجب منصفاڻو ۽ پرامن حل لازمي آهي. وزي??اع??م ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عا??مي برادري کي ان سلسلي ۾ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ڇو ته اهو ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام ج?? لاءِ ضروري آهي. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر وزي??اع??م جا ٿورا مڃيا ۽ آسٽريليا ۽ پاڪستان جي وچ م موجود لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم ج?? اظهار ڪيو.