دوحه – 24 – آگسٽ (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان کي فخر آهي ته فيفا ورلڊ ڪپ قطر 2023ع جو آفيشل مئچ با?? ”??لريحلا“ پاڪستان ۾ ٺاهيو ويو آهي. اهڙن خيالن ??و اظهار هن فيفا ورلڊ ڪپ اسٽيڊيم 974 جي دوري جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم ک?? روڊ ڪپ جي تيارين بابت بريفنگ ڏني وئي. اسٽيڊيم پهچڻ تي وزيراعظم ک?? اسٽيڊيم جو گائيڊيڊ دورو ڪرايو ويو ۽ کيس فيفا ورلڊ ڪپ 2023ع جي ميزباني جي لاءِ قطر جي حڪومت پاران ڪيل وسيع تيارين بابت ٻڌايو ويو. وزير??عظ?? دنيا جي سڀ کان وڏي راندين جي ايونٽ جي لاءِ جديد ترين سهولتون قائم ڪرڻ ۾ قطر جي ڪوششن کي ساراهيو. هن فٽ بال اسٽيڊيم جي شان ۽ شوڪت ۽ ان سان واڳيل سهولتن کي ساراهيو جنهن ۾ قطري ثقافت ۽ سڃاڻپ جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. وزير??عظ?? قطر جي عوام ۽ قيادت کي مگا ايونٽ منعقد ڪرڻ ۾ شاندار ڪاميابي جي خواهش ??و اظهار ڪيو. وزير??عظ?? ورلڊ ڪپ بابت بنيادي ڍانچي جي تعمير ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي اهم ڪردار کي ساراهيو. وزير??عظ?? چيو ته پاڪستانين کي ان حقيقت تي فخر آهي ته فٽ با?? ”??لريحلا“ فيفا ورلڊ ڪپ قطر 2023ع جو آفيشل مئچ بال پاڪستان ۾ ٺاهيو ويو آهي.