اسلام آ??اد– 30 – آگسٽ (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني نقصان تي پاڪستان جي ??يا??ت ۽ عوام سان افسوس ۽ ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستان ۾ چين جي سفير ن??نگ ر??نگ چين جي صدر ۽ وزيراعظم جو خصوصي پيغام صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف کي پهچايو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته سدائين وا??گر چين جي ??يا??ت ۽ عوام پاڪستان دوستي ۽ فراخدلي جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته هو صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ جا دل سان ٿورا مڃي ٿو. واضح رهي ته چين پاران پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 190 ملين يوآن (آر ايم بي) ??مد??د جو اعلان ڪيو ويو آهي. چين پاران 25000 خيمن ۽ ٻين ??مد??دي شين جو عطيو ڪيو ويو آهي. چيني فضائيه جون اڏامون 300 خيمن جي پهرين کيپ کڻي اڄ ۽ سڀاڻي ڪراچي پهچنديون. پاڪستان ۾ چين جي سفير ن??نگ ر??نگ ڪراچي ۾ ??مد??دي سامان پاڪستاني عملدارن جي حوالي ڪندو. چين پاران ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ??مد??د جي فراهمي بابت اقتصادي معاملن واري ڊويزن کي چين جي سفير جي ڪراچي کان وا??سي تي باضابطا آگاهه ڪيو ويندو. چين جي سفير ن??نگ ر??نگ چين جي ??يا??ت جي فيصلي سان پاڪستان حڪومت کي آگاهه ڪري ڇڏيو.