اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب سڄي ملڪ ۾ وڏي تب??هي ٿي آهي، متاثرين جي مدد ۽ بحالي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آندو پيو وڃي ۽ عالمي برادر?? جي تعاون سان متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ متاثرين جي آبادڪاري ڪئي ويندي. پنهنجي ??وئ??ٽس ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هن اسلام آباد ۾ رهندڙ سفارتڪارن، هاءِ ڪمشنرز ۽ سينيئر سفارتي عملي سان ملاقاتون ڪيون آهن ۽ انهن کي سڄي ملڪ ۾ تازي ٻوڏ ۽ برساتن سبب ٿيندڙ تب??هي بابت آگاهه ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته اقتصادي معاملن واري ڊويزن، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ ا??ار???? جي شريڪ ٿيندڙن کي ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ حڪومت پاران هيستائين کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، جيتوڻيڪ اڃا تائين نقصانن جو صحيح ڪاٿو لڳايو پيو وڃي. وزيراعظم عالمي برادري پاران همدرد?? جي اظهار ۽ تعاون جي خاطري تي انهن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته اسان گڏجي نئين سر تعمير ۽ آبادڪاري کي يقيني بڻائينداسين.