لاهور – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي پاڪستان جي 75 هين آزاد?? جي ڏهاڙ?? جي موقعي تي قوم کي دلي مبارڪباد ??يندي چيو آهي ته پاڪستان لکين شهيدن جي قربانين جو ثمر آهي، پاڪستان جي شهيدن جي بي مثال قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا، هي ڏينهن ڌرت?? جي انهن سمورن بهادر فرزندن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو موقعو آهي، جن م??ڪ جي سرحدن جو دفاع ۽ حفاظت ڪندي جانيون قربان ڪيون. وڏي وزير آزاد?? جي ڏهاڙ?? جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آزاد وطن جو حص??ل قائداعظم جي ڏينهن رات جي محنت ۽ علامه اقبال جي خواب جي تڪميل آهي، آزاد?? جي ڏهاڙي تي ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته آزاد?? جي نعمت جي تحفظ جي لاءِ معاشري ۾ گڏيل تعاون ۽ خيرسگالي کي فروغ ڏيڻو پوندو، اڄ اسان اهو وچن ورجايون ٿا ته اسان ثابت قدم رهنداسين ۽ قائداعظم جي ٻڌايل اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط جي مشعل کي پڪڙيندي هر چئلينج کي قبول ڪنداسين.