اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي خصوصي هدايتن تي جشن آزادي جي 75 سالا تقريبن جي لاءِ اسلام آباد ڪيپيٽل پوليس پهريون ڀيرو سم??رن صوبن جي پوليس کي گهرايو آهي. سم??را صوبائي پوليس جا دستا آزادي ڏ??اڙي جي خصوصي تقريبن ۾ حصو وٺندا. پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏ??اڙي کي شاندار طريقي سان ملهايو ويندو. سم??رن صوبن مان پوليس جا خصوصي دستا ۽ بينڊ بشمول پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه مان اسلام آباد پهچي ويا آهن. 13 ۽ 14 آگسٽ تي عوامي جاين تي فليگ مارچ ڪيو ويندو. مارچ ۾ سم??رن صوبن جا پوليس بينڊ قومي نغمن جون ڌُنون وکيريندا. اهي تقريبون صوبائي هم آهنگي ۽ قومي يڪجهتي جو اظه??ر هونديون. جشن آزادي ڏ??اڙي جي تقريبن ۾ آزادي جي لاءِ قرباني ڏ??ندڙن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويندو.