اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي نئين حڪومت جي فوري ت??جي?? ملڪ کي درپيش سنگين اقتصادي چئلينجن کي منهن ??يڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪا جي دوري جي موقعي تي نيويارڪ ۾ دوست ملڪن جي سفيرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير منير اڪرم پاران ڏنل مانجهاندي کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان سمورن ترقياتي حصيدارن ۽ ڀائر اسلامي ملڪن سان تعاون کي مضبوط بڻ??ئڻ جي ذريعي انهن چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي اميد رکي ٿو، مانجهاندي ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ سعودي عرب، مراڪش، آذربائيج??ن، اير??ن، عم??ن، اٽلي، مالٽا، ايڪواڊور، مصر، انڊونيشيا، متحده عرب امارات ۽ ڪويت جا سفير به شامل هئا. پرڏيهي وزير پنهنجي ريمارڪس ۾ عالمي ۽ علائقائي مسئلن جي حوالي سان پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي ت??جي??ن جو به خاڪو پيش ڪيو جنهن ?? افغانست??ن، ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال، سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن کانسواءِ مهانگائي ۽ خوراڪ جي حفاظت، ڪووڊ – 19 جي وبا، معاشي صورتحال ۽ موسمياتي تبديلي شامل آهن.