اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چين پاڪستان مثالي دوستي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت چيني ڪمپني پاران بيمارين جي سڃاڻپ، بچاءُ ۽ علاج لاءِ جوائنٽ وينچر تحت سيڙپڪاري ??ي آڇ جي آجيان ڪ??ي ٿي، ا?? ڏس ۾ حڪومت هر ممڪن ??عا??ن فراهم ڪندي، صحت واري وزير ان باري ۾ ٽاسڪ فورس قائم ڪري ??ه جيئن منصوبي تي جلد ڪم شروع ٿي سگهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ مان جاري ??يان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان چيني ڪمپني سينوويڪ جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪيانگ گواو جنرل مينيجر سينوويڪ، ڊائريڪٽر انٽرنيشنل بزنس ڪيون زينگ، صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل، ا??گزيڪيٽو ڊائريڪٽر نيشنل انس??يٽ??وٽ آف هيلٿ ميجر جنرل پروفيسر عامر اڪرام ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ڪووڊ – 19 ويڪسينيشن مهم دوران سينوويڪ پاران پاڪستان کي فراهم ڪيل ويڪسين جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، ا?? کانسواءِ سينوويڪ پاران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري ??يمارين جي سڃاڻپ، بچاءُ ۽ علاج لاءِ هڪ جوائنٽ وينچر بڻائن ۾ گهري ??لچسپي جو اظهار ڪيو ويو. وزيراعظم چين پاڪستان مثالي دوستي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته حڪومت چيني ڪمپني پاران سيڙپڪاري ??ي ان آڇ جي آجيان ڪ??ي ٿي ۽ ان حوالي سان هر قسم جو ??عا??ن فراهم ڪندي. وزيراعظم صحت واري وفاقي وزير کي ان حوالي سان فوري ??ور تي هڪ ٽاسڪ فورس بڻائڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن سينوويڪ ڪمپني جلد ان منصوبي تي ڪم شروع ڪري ??گهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ سڌو سنئون ٻاهرين سيڙپڪاري وڌائڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. پاڪستان ڪووڊ- 19 جي دوران چيني ??عا??ن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو.