اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب احساس پروگرام ۽ پناهگاهون بند ڪرڻ جي خبرن کي ڪوڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته شهباز شريف وزي??اع??م چونڊجڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ پهرين خطاب ۾ واضح ڪيو هو ته عوامي خدمت جا منصوبا جاري رهندا. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام نه رڳو جاري رهندو پر ??ن کي وڌيڪ توسيع ڏني ويندي، وزي??اع??م شهباز شريف بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي ٻارن ۽ ٻارڙين جي تعليم جو ذريعو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪو ??روگرام بند ناهي ٿيو، ع??ام جي ڀلائي جي هر منصوبي کي وڌيڪ بهتر بڻائينداسين، هن چيو ته اڳوڻي وزي??اع??م نواز شريف جو شروع ڪيل صحت ڪارڊ ائين ئي هلندو رهندو، ??ن کي وڌيڪ بهتر بڻائينداسين، اهڙا ڪوڙ اهي پک??ڙي رهيا آهن جن کي وزي??اع??م جي ڪرسيءَ ۽ ڪنٽينر تي ڪوڙ ڳالهائڻ جي عادت آهي. مريم اورنگزيب چيو ته ميڊيا کي به گذارش آهي ته اها اهڙي بي بنيادن اطلاعن کي جڳهه ڏيڻ کان پاسو ڪري، الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته اڄ ملڪ ۾ هڪ چونڊيل وزي??اع??م آهي جيڪو ع??ام جو ڏک درد ۽ احساس رکي ٿو، اڄ ملڪ ۾ اهڙو وزي??اع??م آهي جيڪو ع??ام جي لاءِ فراخدلي ۽ ان جي خدمت جو جذبو رکي ٿو، اڄ ملڪ ۾ اهڙو چونڊيل وزي??اع??م آهي جيڪو عوامي ۽ قومي سلامتي جي ايشوز کي پنهنجي سياست جي لاءِ استعمال نه ٿو ڪري.