اسلام آباد – 12 – اپريل (اي پي پي) و??ير??عظم شهباز شريف ملڪ کي درپيش سنگين معاشي صورتحال ۽ اقتص??دي چئلينجز مان نڪرڻ جي لاءِ هنگامي بنيادن تي معاشي تجويزُون ۽ سفارشُون جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم هدايت ڪئي ته اهي تجويزون زراعت، صنعت، سيڙپڪاري، بئنڪاري، واپارين، ڪاروباري برادري سميت سمورن لاڳاپيل طبقن جي راءِ جي روشني ۾ جوڙيون وڃن. ان سلسلي ۾ ايندر ڪجهه ڏينهن ۾ سمٽ منعقد ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي. بيان موجب حڪومت نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اها ڪائونسل غيرجانبدار ۽ ناليوارن معاشي ماهرن تي ٻڌل هو??دي. وزارت عظميٰ جو عهدو باضابطا سنڀالڻ کانپوءِ و??ير??عظم جي صدارت ۾ هنگامي اجلاس ۾ معاشي ماهرن کي سفارشن جي تياري جو حڪم ??نو ويو آهي. ناڻي واري سيڪريٽري اجلاس ۾ ملڪي معاشي صورتحال، روينيو، بجيٽ خسارن، داخلي ۽ ٻاهرئين قرضن جي صورتحال سميت مجموعي قومي بيلنس شيٽ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. و??ير??عظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته معاشي صورتحال ۽ سنگين مالي خطرن کي ڏسندي فوري، وچولي ۽ ڊگهي مدي وارن هدفن جو واضح تعين ڪيو وڃي. هن اها هدايت به ڪئي ته پاليسي آپشنز تي ٺوس سفارشون پيش ڪيون وڃن ته جيئن انهن جي روشني ۾ ٺوس قدم کڻي سگهجن. و??ير??عظم عوام کي ??يل??ف ڏيڻ ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان پڻ ٺوس تجويزون جوڙڻ جي هدايت پڻ ڪئي. ان کانسواءِ هن رمضان المبارڪ ۾ رمضان بازار جي مانيٽرنگ ۽ ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ فوري گهٽتائي آڻڻ جو پڻ حڪم ??نو. هن چيو ته اسان کي قومي ۽ عوامي مفادن جي وچ ۾ بهترين توازن سان اڳتي وڌڻو آهي.