اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان هائوسنگ واري وفاقي ??زير چوڌري طارق بشير چيما ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ مل?? جي مجموعي سياسي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي ??زير وزيراعظم کي ملڪ ۾ وچولي ۽ گهٽ آمدني واري طبقي جي لاءِ گهٽ لاڳ?? جي گهرن جي تعمير جي منصوبي جي اڳڀرائي تي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم ماڻهن کي گهرن جي باعزت فراهمي کي يق??ني بڻائڻ جي عزم کي ورجايو ۽ لاڳاپيل ادارن کي ان مقصد کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ سمورا وسيلا ا??تعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي.