اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آ??ي ته وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر ماسڪو ۾ پنهنجي اصولي موقف کي دنيا آڏو پيش ڪري ڇڏيو ته طاقت جو استعمال ڪنهن به تڪرار جو حل نه آهي، رو?? ۽ يوڪري?? کي ڳالهين سان مسئلو حل ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم عمران خان جي رو?? جي دوري تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان جو رو?? جو دورو ان ڳالهه جو ثبوت آ??ي ته پاڪستان علائقائي امن ۽ سلامتي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ تڪرا??ن بدران پائيدار امن جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، پنهنجي قومي مفاد?? کي مٿانهون رکندي سفارتي سطح تي اسا?? کي پنهنجي پوزيشن مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد پڻ ملي آهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان جي دوري جي ٽائيمنگ تي سوال اٿاريندڙ?? کي سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته وزيراعظم وڏي مئچ جو وڏو رانديگر آهي، ڪشمير مسئلي کان وٺي افغانستان ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون، ٻطرفن لاڳاپن، اسلامو فوبيا تي ڳالهه ٻولهه ٿي، عمران خان انشاءَ الله نه ڪڏهن جهڪندو، نه پاڪستاني?? کي جهڪڻ ڏيندو.