بيجنگ – 06 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شا??ه محمود قريشي بيجنگ ۾ پاڪستاني شاگردن ۽ پروفيشنلز جي سهولت لاءِ ٺاهيل پور??ل جو افت??اح ڪيو، چين ۾ پاڪستان جو سفير معين الحق پڻ پرڏيهي وزير سان گڏ هو. ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته هن پور??ل جو مقصد پاڪستاني شاگردن ۽ چيني ماهرن جي وچ ۾ فني رابطي ج?? فروغ آهي، هي پاڪستاني شاگردن ۽ چين ۾ پيشيواراڻي ڪميونٽي ج?? وچ ۾ رابطو وڌائڻ جي لاءِ هڪ پليٽ فارم طور ڪم ڪندو. شا??ه محمود قريشي چيو ته هي پور??ل جديد دريافتن جي ڏس ۾ معاونت فراهم ڪندو ۽ پاڪستاني شاگردن ۽ پروفيشنلز جي ڪاميابين کي اجاگر ڪرڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندو.