??سل??م آباد – 10 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي س??ي ملڪ ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کڻن ۽ بلدي??تي چونڊن ۾ ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪارڪنن کي متحرڪ ڪن. وزيراعظم عمران خ??ن سان منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر ملاقات ڪئي جنهن ۾ س??ي ملڪ ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي کي مضبوط ۽ فعال بڻائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پي ٽي آءِ خيبرپختونخواهه جو ??در ۽ دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، پي ٽي آءِ پنجاب جو ??در ۽ تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود، پي ٽي آءِ ڏکڻ پنجاب جو ??در ۽ صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، پي ٽي آءِ سنڌ جو ??در ۽ سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، پي ٽي آءِ بلوچستان جو ??در ۽ قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري ۽ پي ٽي آءِ جو ??يڊيشنل سيڪريٽري عامر محمود ڪياني پڻ موجود هئا. وزيراعظم سمورن پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڪئي ته اهي س??ي ملڪ ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کڻن. هن مختلف صوبن، علائقن ۾ ايندڙ بلدي??تي چونڊن ۾ ڪاميابي کي يقيني بنائڻ جي لاءِ ڪارڪنن کي موثر انداز ۾ متحرڪ ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.