ڪراچي – 29 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي م??تلف فلاحي تنظيمن جي سماجي ڪمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ضرورتمندن جي ڀلائي لاءِ جي ڊي سي فائونڊيشن جي ڪو??شن کي ساراهيو. اها ڳالهه هن جي ڊي سي جي وفد سان گورنر هائوس ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. وفد جي سربراهي جي ڊي سي جو سربراهه ظفر عباس ڪري ??هيو هو. ان موقعي تي جي ڊي سي جي سربرا??ه صدر کي غيرسرڪاري ??نظيم پاران جاري ??ماجي ڀلائي جي سرگرمين بابت آگاهه ڪيو. ظفر عباس صدر کي جي ڊي سي فائونڊيشن جي ڪراچي ۾ 50 ڊائيلاسز سينٽرز کولڻ، راشن جي فراهمي، خوراڪ جي م??ڪزن ۽ ٻين مصنوبن بابت بريفنگ ڏني. وفد سان ڳالهائيندي صدر حڪومت جي احساس پروگرام جي م??تلف اسڪيمن بشمول آسان قرض، فني تربيتي پروگرام ۽ ماءُ جي لاءِ غذائي امداد مان فائدو کڻڻ جي لاءِ نوجوانن جي رهنمائي ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بئنڪون صنعتڪارن کي آسان قرض فراهم ڪرڻ کانسواءِ غريبن کي پڻ گهٽ کان گهٽ وياج جي شرح تي آسان قرض فراهم ڪن. هن نجي شعبي تي زور ڏنو ته اهو بيروزگار تعليم يافته نوجوانن جي لاءِ نوڪرين جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ اڳتي اچي. بعد ۾ جي ڊي سي جي سربرا??ه صدر کي شيلڊ پڻ پيش ڪئي.