اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ سياسي رابطا وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي، ازبڪستان پاڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ م??اه??ي سان واپاري ۽ معاشي تعاون تيز ڪرڻو پوندو، پاڪستان ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جو حامي آهي، جلد مڪمل ڪرڻ جي لاءِ تعاون فراهم ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار صدر ڊاڪٽر عارف علوي اشڪ آباد ۾ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزييويو سان ??لا??ات دوران ڪيو. ٻنهي ملڪن جي صدرن ??لا??ات ۾ ٻطرفي تعاون، واپار ۽ معاشي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ علائقائي ۽ عالمي فورمن تي تعاون وڌائڻ ۽ ٻطرفا لاڳاپا مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ازبڪستان جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.