اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پنجاب جي هر خاندان کي صحت ڪارڊ جي ذريعي 10 لک روپين تائين جو علاج ڪرائڻ جي سهولت حاصل هوندي، صحت، تعليم ۽ چئن بنيادي ضروري ??ين اٽي، کنڊ، دال ۽ گيهه تي وڏو رليف آڻي رهيا آهيون، بنيادي سياسي سڌارن کانسواءِ ملڪ اڳتي نٿو وڃي سگهي.
اها ڳالهه هن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخوا کانپوءِ هاڻي پنجاب جو هر خاندان هر سال 10 لک روپين تائين صحت ڪارڊ جي ذريعي حاصل ڪري ??گهندو، ان گيم چينجر پروگرام جي ذريعي هاڻي معياري ??لاج غريبن کان وي??دي وچولي طبقي تائين جي هر ماڻهو کي ميسر هوندو. چوڌري فواد حسين چيو ته صحت، تعليم ۽ چار بنيادي ضروري ??ين اٽي، کنڊ، دال ۽ گيهه تي وڏو رليف آڻي رهيا آهيون، هن چيو ته صحت ڪارڊ پروگرام پنجاب ۾ انشاءُ الله ڊسمبر کان شر??ع ٿيندو ۽ مارچ تائين پوري پنجاب ۾ صحت ڪارڊز ملي وي??دا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته صحت ڪارڊ عوام پنهنجي مرضي جي ڪنهن به ڊاڪٽر يا اسپتال ۾ استعمال ڪري ??گهندا. سرڪاري ??ي نه پر نجي ڊاڪٽر ۽ اسپتالُون به هاڻي عوام جي علا?? لاءِ بنا معاوضي ميسر هونديُون. پنهنجي هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته فيڪ نيوز جي حوالي سان قانون ٺاهي ڪابينا جي حوالي ڪيو وي?? آهي، 2018ع کان چئي رهيو آهيان ته بنيادي سياسي سڌارن کانسواءِ ملڪ اڳتي نٿو وڃي سگهي. ميڊيا ۽ عدالتي سڌارا لازمي آهن.