اسلام آباد-20 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي پارلياماني معاملن بابت مشير ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو آ??ي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي حوالي سان چونڊ سڌارن جي عم?? تي اپوزيشن سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، اپوزيشن جي مطالبي تي سينيٽ ۽ قومي اسيمبليءَ جي گڏيل پارلياماني ڪميٽي قائم ڪري آخري ڀيرو اپوزيشن سان ڳالهيون ٿينديون، هر صورت ۾ چونڊ عم?? ۾ ڌانڌلي ختم ڪرڻ گهرجي جنهن لاءِ قانون سازيءَ تحت ايندڙ عام چونڊن کي صاف شفاف ۽ منصفاڻو بڻائڻ کي يقيني بڻايو ويندو. پي آءِ ڊي ۾ ريلوي واري وفاقي وزير، اعظم خان سواتي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چ??و ته پوري قوم ۽ پرڏيهي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ٻُڌائڻ چاهيان ٿو ته حڪومت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) ۽ اي ووٽنگ جي حوالي سان اڳيان وڌي رهيا آهيون. اپوزيشن اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آ??ي ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت 2023ع جي اليڪشن کي چوري ڪرڻ لاءِ اي وي ايم مشين آڻڻ چاهي ٿي. هن چ??و ته سڀ کان پهريان پ پ جي دؤر ۾ 2009ع ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي حوالي سان اڳڀرائي ٿي، 2014ع کان 2016ع تائين موجوده صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان گڏ سڄي اپوزيشن ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن وئي پر اڄ اهائي اپوزيشن پرجوش انداز ۾ اهو چئي رهي آ??ي ته پي ٽي آءِ ايندڙ اليڪشن چوري ڪرڻ چاهي ٿي، ايندڙ عام چونڊون عمران خان يا تحريڪ انصاف نه ڪرائيندي ان لاءِ مرڪز ۽ صوبن ۾ 120 ڏينهن لاءِ آئين تحت عبوري حڪومت قائم ٿيندي، جيڪا عام چونڊون ڪرائيندي. هن ميڊيا جي نمائندن کي اليڪشن ايڪٽ 2017ع جو هڪ دستاويز ڏيکاريندي چ??و ته 2017ع ۾ نواز شريف جي حڪومت هئي ۽ چونڊ سڌارن ۾ اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي سڌارن لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو ذڪر آيو. هن چ??و ته هو اي وي ايم کان ڇو ڊڄي رهيا آهن، اهو ??وٽر کي ٻُڌائڻو پوندو ۽ اي ووٽنگ سان پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ڇو ووٽ جي حق کان محروم رکيو وڃي. هن چ??و ته اپوزيشن جون زباني ڳالهيون ۽ دعويٰ سرڪاري رڪارڊ کان انڪار نٿيون ڪري سگهن. 2017ع کان 2021ع تائين 4 سال گذري ويا آهن اسان کي ٻُڌايو وڃي ??ه اسان ان معاملي تي اڳيان ڇو وڌي نه سگهيا آهيون. هن چ??و ته اي وي ايم مشين ڌانڌليءَ کي روڪيندي. هن فلپائن جو مثال ڏيندي چ??و ته اتي اليڪشن جي موقعي تي قتل ٿيندا هئا پر ٽيون ڀيرو عام چونڊن ۾ اي وي ايم ذريعي اليڪشن ڪرائي وئي جنهن کان 89 سيڪڙو شهرين تسليم ڪيو. هن چ??و ته هتي روايت اها رهي آ??ي ته ماڻهو ??تي پنهنجي ۽ رشتيدارن جي گهرن ۾ پولنگ اسٽيشنون لڳرائيندا هئا، فارم 45 بي سڀني کي ناهي ملندو، اسان چاهيون ٿا ??ه ايندڙ عام چونڊون صاف شفاف ۽ منصفاڻيون ٿين. بابر اعواڻ چ??و ته حڪومت ان لاءِ تيار آ??ي ته اسان قومي اسيمبليءَ ذريعي ٻنهي ايوانن جي گڏيل پارلياماني ڪميٽي ٺاهڻ جي تحريڪ پيش ڪريون. هن چ??و ته ڪميٽي ۾ آخري ڀيرو حڪومت اپوزيشن سان چونڊ سڌارن جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي. هن چ??و ته اسان چونڊ سڌارن لاءِ قانونسازي ڪنداسين، هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي ريمارڪس بابت حوالو ڏيندي چ??و ته هو ??ڪ ڪيس ۾ چئي چڪو آ??ي ته اي وي ايم جو تصور ڪو خلائي تصور ناهي. بابر اعواڻ چ??و ته چونڊ عم?? ۾ اسان ڌانڌلي ختم ڪرڻ چاهيون ٿا. هن ڀارت جو حوالو ڏيندي چ??و ته ڀارت ۾ به اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين استعمال ٿي رهي آهي، اسان پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي حوالي سان پنهنجو وعدو پورو ڪنداسين، اڃا تائين ته رڳو اي وي ايم ۽ اي ووٽنگ جي حوالي سان اسان جون تجويزون آيون آهن، اسان اهڙو قانون ٺاهڻ چاهيون ٿا ته جيئن ڪوبه ائين نه چوي ته مان ان قانون کي نٿو مڃان، قوم سان واعدو آ??ي ته جنهن طرح ملڪ ۾ صنعتي ترقي، ايف بي آر ۽ ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي حوالي سان سڌارا آندا آهن اهڙيءَ طرح ملڪ ۾ صاف شفاف ۽ منصفاڻيون چونڊون ڪرائڻ لاءِ ڌانڌليءَ کان پاڪ اليڪشن جو تصور به آڻينداسين.