اسلام آباد -19 سيپٽمبر (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي اليڪٽرانڪ ووٽر مشين (اي وي ايم) ذريعي چونڊون ڪرائڻ جو رستو ڏيکاريو ويو آهي. جمهوريت، پارليامينٽ جي وقار جي بحالي ۽ غيرتڪراري چونڊن لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعما?? ڪرڻو پوندو. ماضي ۾ چونڊن دوران تڪرارن سبب چونڊون غير مستحڪم ??هيو ۽ ڪيتري ئي عرصي تائين سياسي بحران رهيا. اليڪشن ڪ??يشن کي واضح ڪرڻو هوندو ته ان سلسلي ۾ سنجيده آهي ۽ هو ڪم ڪرڻ چاهي ٿي. اهڙو اظهار هن اسلام آباد ۾ پري?? ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت وٽ وسيلا هئڻ سبب پنهنجا مقصد حاص?? ڪري سگهجن ٿا ۽ اي وي ايم پڻ هڪ سنجيده ڪوشش آهي. وزيراعظم عمران خان جنهن ماضي ۾ ڪرڪيٽ جي بنياد ۾ تمام گهڻيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. اهڙي طرح وزيراعظم چونڊجڻ بعد اڃا تائين ڪ?? به تڪرار سامهون نه آيو ۽ هو چاهي ٿو ته ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي چونڊون ڪرايون وڃن. هن چيو ته اليڪشن ڪ??يشن پارليامينٽ جي اجلاس ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي حوالي سان جن پوائنٽس جي فهرست ڏني اهو مضحکه خيز هو ۽ اليڪشن ڪ??يشن جي پنهنجي خلاف هڪ چارج شيٽ هئي. ڇاڪاڻ ته هن انهن ووٽنگ مشين جو جائزو ئي نه ورتو. فلپائين وانگر ڪيترن ئي ملڪن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال سان نه صرف تشدد جي واقعن ۾ گهٽتائي آئي بلڪه صاف ۽ شفاف چونڊن جا نتيجا سامهون آيا آهن.