گڏيل قومون – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڊس ??نف??رميشن جي روڪٿام ۽ اظهار راءِ جي آزادي ۾ توازن ??ائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي عالمي برادري کي چيو آهي ته هو شفافيت جي فروغ ۽ ڊس ??نف??رميشن جي روڪٿام لاءِ ميڪنزم جوڙي، پاڪستان غلط اطلاع جي مسئلي جي روڪٿام لاءِ پُرعزم آهي. اها ڳالهه هن”ڊس ??نف??رميشن کي منهن ڏيڻ ۽ اعتماد سازي لاءِ شفافيت جي فروغ“ جي باري ۾ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي منعقد تقريب ۾ پنهنجي هڪ بيان ۾ چئي جيڪو گڏيل قومن ۾ پاڪستان مشن جي پريس قونصلر مريم شيخ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير پاران تقريب ۾ پڙهي ٻڌايو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته ڪووڊ – 19 جي وبا، ٻي عالمي جنگ عظيم کانپوءِ دنيا کي درپيش سڀ کان وڏو بحران آهي، وبائي مرض سبب پيدا ٿيندڙ صحت ۽ مالياتي چئلينجن کانسواءِ دنيا ڊس ??نف??رميشن ۽ مس ??نف??رميشن جي تيزي سان پکيڙ جي مسئلي جي به ور چڙهيل آهي، جيڪا سماجي ورڇ، قوميت پرستي، امتيازي سلوڪ، نفرت انگيز تقرير، نسل پرستي، زينوفوبيا، اسلاموفوبيا ?? ان بابت عدم برداشت سميت جعلي علاج ۽ ويڪسين جي خلاف سازشن کي هو?? ڏيڻ جهڙن ڳڀير مسئلن کي وڌائي رهيو آهي. هن چيو ته موجوده ڊجيٽل دور ۾ جتي ??نف??رميشن ۽ ڪميونيڪيشن ٽينڪالاجيز (آءِ سي ٽي) جي استعمال جي ذريعي گڏيل رابطا هڪ نئون معمول بڻجي ويو آهي، اظهار راءِ جي آزادي ۽ معلومات تائين پهچ ماڻهو، برادرين ۽ معاشرن کي بااختيار بڻايو آهي، ان سان گڏوگڏ اسان جي لاءِ اها ڳالهه ڳڻتي جوڳي هجڻ گهرجي ته آءِ سي ٽي غلط اطلاع، مخصوص مفادن جي حامل معلومات يا ڊس ??نف??رميشن پکيڙڻ جا رستا هموار ڪيا جنهن کي وڏي پئماني، رفتار ۽ دائره ڪار ۾ سياسي، نظرياتي يا واپاري محرڪات لاءِ گهڙيو، پکيڙيو ۽ هوا ڏني ويندي آهي. هن چيو ته ان ”انفوڊيمڪ“ کان ان ڳالهه جي تصديق ٿيندي آهي ته اظهار راءِ جي آزادي صرف هڪ حق ئي نه پر هڪ گڏيل ذميداري به آهي جهڙوڪ شهري ۽ سياسي حقن جي عالمي معاهدا (آءِ سي سي پي آر) جي آرٽيڪل 19 (3) ۾ بيان ڪيو ويو آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته اظهار راءِ جي آزادي ۽ غلط اطلاع جي روڪٿام ۾ توازن ??ائم ڪرڻ ضروري آهي، اهو تڏهن ئي ممڪن ٿيندو جڏهن عالمي برادري شفافيت کي فروغ ڏيڻ ۽ غلط اطلاع جي روڪٿام لاءِ ميڪنزم جوڙي سگهندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ان ڏس ۾ سان اظهار راءِ جي آزادي جي حق جي تحفظ ۽ فروغ جي حوالي سان خصوصي رابطا ڪار جي ”ڊس ??نف??رميشن ۽ اظهار راءِ جي آزادي“ جي باري ۾ رپورٽ تي ٿورائتا آهيون جنهن انساني حقن جي فروغ ۽ تحفظ جي لاءِ غلط اطلاع کي روڪڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. وفاقي وزير چيو ته ڊس ??نف??رميشن تي ضابطو آڻن لاءِ مسلسل ڪوششون گهربل هونديون، هن قومي ۽ عالمي سطح تي ان مقصد جي فروغ لاءِ تجويزون پيش ڪندي چيو ته ڊس ??نف??رميشن جي پکيڙ جي ري ايڪشن کي قانوني حيثيت، ضرروت ۽ تناسب جي اصولن سميت عالمي انساني حق قانون ۾ مستحڪم انداز ۾ جڙيل هجڻ گهرجي. هن چيو ته صحافي، سول سوسائيٽي جون تنظيمون، سياسي ۽ مذهبي اڳواڻ ۽ دانشور آزادي اظهار جي حق جي ذميداراڻي استعمال جي ضرورت کان آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ ڊس ??نف??رميشن جي خطرن کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. اها اسان جي گڏيل ذميداري آهي ته اسان ڪنهن به معلومات کي شيئر ڪرڻ کان پهرين ڪجهه دير جي لاءِ روڪيون جيڪا حقيقت ۾ ڪو غلط اطلاع يا معلومات به ٿي سگهي ٿي ۽ ٻين جي حقن کي مجروح ڪرڻ جو باعث بڻجي سگهي ٿي، وفاقي وزير چيو ته سوشل ميڊيا ڪمپنيون پنهنجو ڪاروباري ماڊلز جو جائزو وٺڻ ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته سندن ڪاروباري آپريشنز، ڊيٽا ڪليڪشن ۽ ڊيٽا پروسينگ جا طريقا عالمي انساني حقن جي معيارن سان هڪجهڙائي رکندا هجن، انهن کي پنهنجي پليٽ فارمز کي غلط اطلاعن جي پکيڙ جي لاءِ استعمال ٿيڻ ن?? ڏيڻ گهرجي جيڪو امتيازي سلوڪ، نفرت تي اڪسائڻ ۽ تشدد جو باعث بڻجندا آهن، چوڌري فواد حسين چيو ته آن لائن يا آف لائن غلط معلومات ۽ اطلاعن جي معاملن جي مانيٽرنگ لاءِ هڪ عالمي ريگوليٽري فريم ورڪ جي جوڙجڪ جي لاءِ مستحڪم ڪوششن جي ضرورت آهي، پاڪستان ڊس ??نف??رميشن جي روڪٿام لاءِ پرعزم آهي، ان جو انساني حقن مان مستفيد ٿيڻ ۽ سڀني جي بنيادي آزادين تي واضح منفي اثر پوندو آهي، ڊس ??نف??رميشن کي منهن ڏيڻ لاءِ جي پنهنجي مقصد کي اڳتي وڌائيندي پاڪستان گڏيل قومن جي 76 هين جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ ” ڊس ??نف??رميشن جي روڪٿام ۽ انساني حقن ۽ بنيادي آزادي جي تحفظ ۽ فروغ“ جي عنوان سان هڪ قرارداد پيش ڪندو، اسان ان قدم جي لاءِ سمورن ميمبرن ملڪن جي تعاون جا منتظر آهيون، ان طرح جي قرارداد جي منظوري شفافيت جي فروغ ۽ ڊس ??نف??رميشن تي قابو پائڻ، اعتماد پيدا ڪرڻ ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي حق مان لطف اندوز ٿيڻ جي جامع مهم جي آغاز ۾ معاون ثابت ٿيندي.