اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪ??ر عارف علوي سنڌ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايو??ن صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪ??ر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 175 اي تحت ايڊيشنل ججن جي مقرري ڪئي. صدر سنڌ هاءِ ڪورٽ لاءِ جسٽس مسز راشد?? اسد، جسٽس عبدالمبين لاکو ۽ جسٽس ذوالفقار علي سان??ي جي نالن جي منظوري ڏن?? جڏهن ته پشاور هاءِ ڪورٽ لاءِ جسٽس صاحبزاد?? اسد الله، جسٽس محمد نعيم انور ۽ جسٽس وقار احمد جي نالن جي منطوري ڏني وئي.