اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ِآهي ته پاڪستان سارڪ م??ڪن سان ٻطرفي تعاون کي علائقائي خوشحالي جي لاءِ وڏي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ نيپال بين الپارلياماني يونين، ايشيائي پارلياماني اسيمبلي ۽ ٻين اهم فورمن تي مثالي تعاون جو مظاهرو ڪيو آهي. ٻئي ملڪ انهن عالمي فورمن کي خطي جي بهتر مستقبل ۽ خوشحالي لاءِ استعمال ڪري ??گهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيپال جي سفير تابش آدهيڪاري ??ان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، هن ملاقات دوران ٻطرفي ۽ پارلياماني لاڳاپن جي حوالي سان اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته پاڪستان سارڪ م??ڪن سان ٻطرفي تعاون کي علائقائي خوشحالي لاءِ اهم سمجهندو آهي، پاڪستان ۽ نيپال بين الپارلياماني يونين، ايشيائي پارلياماني اسيمبلي ۽ ٻين اهم فورمن تي مثالي تعاون جو مظاهرو ڪيو آهي، هن چيو ته ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ پارلياماني سطح تي رابطاڪاري، ڊگهي تعاون جي لاءِ اهم آهي، ٻئي ملڪ ان عالمي فورمن کي خطي جي بهتر مستقبل ۽ خوشحالي لاءِ استعمال ڪري ??گهن ٿا، سينيٽ جي چيئرمين نيپالي سفير ??ي ڀارتي فوج هٿان والاريل ڪشمير ۾ جاري ??لمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جي باري ۾ آگاهه ڪيو.