اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) بجلي واري وفاقي وزير عمر ايوب خان چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت اسان جي رستي ۾ بارودي سرنگهون وڇائي وئي، کين خبر هئي ته سندن حڪومت نه ??يندي ۽ ان جي غلط معاهدن ۽ منصوبن جو نتيجو ايندڙ حڪومت ڀوڳيندي، موجوده حڪومت ان جي غلط پاليسين جو بار عوام تي نه وڌو، اربين روپين جي سبسڊي ڏني پر عوام تي بار نه وڌو، ??نه?? جي غلط پاليسين جو نتيجو ايندڙ سالن ۾ به ڀوڳڻو پوندو، جڏهن ??نه?? کان سوال ڪريون ٿا ته هيڏ??نه?? هوڏ??نه?? جون ڳالهيون ڪندا آهن، ملڪ کي گروي رکي هليا ويا، عوام ??نه?? کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ??نه?? جا جلسا ناڪام ٿي چ??ا، اهي حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ سڌارن کان ڊنل آهن، ??سان انرجي اسٽرڪچر کي تبديل ڪري رهيا آهيون، ??وانائي جي شعبي ۾ نوان ۽ شفاف معاهدا ڪري رهيا آهيون. سينيٽ جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جي رٿ تي بحث سهيڙيندي عمر ايوب خان چيو ته مخالف ڌر جي يادداشت ڪمزور آهي يا وري اهي حقيقن کي ڄاڻي واڻي مسخ ڪري رهيا آهن، گذريل ڏينهن ملڪ ۾ پاور پلانٽس جي ٽرپ ڪرڻ جي ڪري بليڪ آئوٽ ٿيو، ان طرح جو بليڪ آئوٽ اڳوڻي حڪومت ۾ 8 ڀيرا ٿيو جنهن کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ ڪيترائي ڏينهن لڳا، اسان ٽن ڪلاڪن ۾ وڏن شهرن ۾ بجلي بحال ڪري ڇڏي جڏهن ته 8 ڪلاڪن ۾ پوري ملڪ ۾ اهو مسئلو ٿي ويو، ان معاملي جي جاچ ٿي رهي آهي ۽ حڪومت پوري نظام جو جائزو وٺندي، هن چيو ته اڳوڻي حڪومت 18 ، 19 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي ٽرانسمينٽ نه ڪئي، اسان اها صلاحيت ساڍا 23 هزار تائين وٺي وياسين، ??ڳوڻي حڪومت 2013ع کان 2018ع تائين غلط فيول مڪس متعارف ڪرايو جنهن جو نتيجو نه ??ڳو اسان پر عوام به ڀوڳي رهي آهي، اڳوڻي حڪومت اسان جي رستي ۾ بارودي سرنگهون وڇائي وئي ڇو ته کين خبر هئي ته ٻيهر سندن حڪومت ناهي اچڻي.