اسلام آباد – 09 نومبر (اي پي پي) نئون پاڪستان هائوسنگ ڊولپمينٽ اٿا??ٽي (اين اي پي ايڇ ڊي اي) جي چيئرمين لفيٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ڪوريا جي ڪمپني جي – سونگو جي پاڪستان ۾ پهرين فيبري ڪيٽڊ هائوس جو افتتاح ڪيو، سومر ڏينهن پاڪ چائنه فرينڊشپ سينٽر ۾ ڪمپني پاران ڪيٽڊ هائوس جو ڊيمو پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ نئون پاڪستان ڊولپمينٽ اٿا??ٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، ڊپٽي چيئرمين ميجر جنرل عامر اسلم خان سميت ڪمپني جي نمائندن ۽ ٻين ماڻهن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي نئون پاڪستان هائوسنگ ڊولپمينٽ اٿا??ٽي جي چيئرمين چيو ته پوئتي پيل ۽ غريب طبقن کي گهٽ لاڳت جي گهرن جي فراهمي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، ان مقصد جي لاءِ حڪومت بلڊرز ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي، ڪمپني پاران نئون پاڪستان هائوسنگ ڊولپمنيٽ اٿا??ٽي جي چيئرمين کي بريفنگ ڏني وئي، ڪمپني جي نمائندن ٻڌايو ته ٻن ڪمرن تي ٻڌل گهر ستن ڏينهن ۾ تيار ڪيو ويو آهي، گهڻين خاصيتن سان گڏ ان گهر جي ڄمار 50 سال آهي، هن ٻڌايو ته ان گهر جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ سامان ٻاهران گهرايو ويو آهي، ان کي ملڪ جي اندر به تيار ڪر?? سگهجي ٿو، ان گهر جي تياري ۾ انسوليشن والس استعمال ڪئي وئي آهي، جيڪا راويتي گهر جي مقابلي ۾ 43 ڀيرا بهتر آهي، جڏهن ته اهو گهر باهه ۽ زلزلي جي خ??رن کا?? به محفوظ آهي، هن ٻڌايو ته اسان جي ڪمپني چار ماڙ گهر ۽ اپارٽمينٽس جي تياري ڪر?? سگهي ٿي، هن ٻڌايو ته جديد ٽيڪنالاجي جي منتقلي سان نه رڳو غير ملڪي سيڙپڪاري ايندي پر ٽيڪنالاجي جي حامل تعميراتي ۽ لاڳاپيل شعبن روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ڪمپني جي نمائيندي چيو ته ان جي ڪمپني وزيراعظم عمران خان جي 50 لک گهرن جي تعمير جي ويزن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي، ڪمپني ساليانو 18 هزار گهر ۽ اپارٽمينٽس تيار ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، هن ٻڌايو ته وڌيڪ پيداواري سهولتن سان گڏ پيداوار ۾ اضافو ڪر?? سگهجي ٿو، ان کا?? اڳ نئون پاڪستان هائوسنگ ڊولپمينٽ اٿا??ٽي جي چيئرمين ڪمپني پاران تيار ڪيل پهرين فيبريڪيٽڊ گهر جو معائنو ڪيو، ان موقعي تي نئون پاڪستان هائوسنگ اٿا??ٽي جو ڊپٽي چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر اسلم خان ۽ ٻيا سينئر عهديدار به موجود هئا.