اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت جو منشور عوام جي عملي خدمت ڪرڻ آهي، سرڪاري ادارن کي هر صورت عوام جي خدمت جو پابند بڻايو وڃي، گورننس سسٽم جي به??ري عوام ۽ سرڪاري ادارن جي وچ ۾ بهتر رابطن سان مشروط آهي، وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب سرڪاري ادارن، کاتن تائين ڪمزور طبقي جي پهچ وڌيڪ آسان بڻائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، پاڪستان سٽيزن پورٽل شهرين جي حصيداري گورننس جي فروغ لاءِ قا??م ڪيو ويو آهي ته جيئن ماڻهن جي مسئلي جي حل لاءِ سرڪاري ادارا موثر خدمتون فراهم ??ري سگهن، وزيراعظم جي هدايت تي ملڪ جو سڀ کان وڏو شڪايتن جو نظام مڪمل فعال ٿي ويو آهي، سڀني صوبن ۾ سٽيزن پورٽل تي آفيسرن جا 8 هزار 864 ڊي?? بورڊز کي ذميداري سونپي وئي آهي، جيڪو وزيراعظم عمران جو ڪمزور ۽ بي سهارا ماڻهن لاءِ هڪ وڏو قدم آهي، ان سلسلي ۾ وزيراعظم آفيس سڄي ملڪ جي 8 هزار 884 کان وڌيڪ سرڪاري آفيس??، سڀني وفاقي سيڪريٽريز، چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز کي خط جاري ڪيو ويو آهي. جنهن تحت سرڪاري آفيسرن کي پنهنجي ڊي?? بورڊ کان ڪمزور طبقي جون شڪايتون داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ خاص طور بزرگ شهرين، بيواهه عورتن، معذور ماڻهن جي سهولت لاءِ خصوصي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.