اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صاد?? سنجراڻي باباءِ قوم قائ??اع??م محمد علي جناح جي يوم وفات جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ چيو آهي ته قائ??اع??م محمد علي جناح رح هڪ عظيم اڳ??اڻ ۽ ذهانت ۽ فراصت جو بهترين پيڪر هو، محمد علي جناح رحه پنهنجي اعليٰ ڪردار، مستقل مزاجي ۽ جدوجهد سان ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪندي ڌار ملڪ جي جدوجهد شروع ڪئي ۽ ننڍي کنڊ پاڪ هند جي مسلمانن لاءِ ٻه قومي نظريي جي بنياد تي پاڪستان جو قيام عمل ۾ آندو، پوري قوم پاڪستان جي باني کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي، قائ??اع??م محمد علي جناح رح جي تعليمات ۽ ان جي فرمانن جي اهميت موجوده دور جي مسئلن کي سامهون رکندي وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ويا آهن.