لاهور – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ منصوبي تي اڳڀرائي جي ح??الي سان جائزي اجلاس لاهور ۾ ٿيو، اجلاس ۾ پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، وزيراعظم جو صلاحڪار بئريسٽر شهزاد اڪبر، خاص مددگار ذوالفقار عباس بخاري، صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ، نئون پاڪستان ه??ئو??نگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي ح??در، راوي فرنٽ اربن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ جو چيئرمين راشد عزيز ۽ سينئر سرڪاري آفيسر شريڪ ٿيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ جي چيئرمين اجلاس کي منصوبي جي ٽائم لائنز، منصوبي ۾ ٻاهرين سيڙپڪار ڪمپنين جي گهري دلچسپي، انفرااسٽرڪچر جي ح??الي سان ريگوليشن ۽ تنظيمي معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني.