اسلام آباد – 11 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڻي جي تحفظ کي يقين?? بڻائڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڊيمن جي تعم??ر سان زرعي ضرورتن جي لاءِ پاڻي جي دستيابي سان گڏوگڏ سستي بجلي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ديامير ڀاشا ڊيم جو تعميراتي ڪم فوري طور تي شروع ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ زرعي ۽ توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پاڻي جي قومي تحفظ جي پاليسي ۽ ڊيمن جي تعمير بابت هڪ ??جلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.