اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ع??دا??اضحيٰ قرباني، برابري ۽ همدرديءَ جي جذبي جي علامت آهي، هي تهوار سماجي ۽ اقتصادي اڻبرابري کي گهٽ ڪري اتحاد ک?? فروغ ڏي ٿو، همدرديءَ جي جذبن کي سگهه ڏي ٿو ۽ الله تعاليٰ جي آڏو سجدو ڪرڻ جا جذبا پيدا ڪري ٿو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته رسم ۽ روا?? جي حقيقي پابندي اسان کان تقويٰ ۽ صفائي سٿرائي جي زندگي اختيار ڪرڻ جي گهرج ڪري ٿي. هن چيو ته ع??دا??اضحيٰ جي بابرڪت موقعي تي مسلمانن کي ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي دلي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو جيڪي اڄ اهو تهوار ملهائي رهيا آهن. الله تعاليٰ انهن جي زندگين کي امن ۽ خوشحالي سان نوازي.