اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف نجي ۽ عالمي ڪمپنين تي زور ڏنو آهي ته اهي پاڪستان ۾ شمسي توانائي ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن، نجڪاري کانپوءِ ڪراچي ا??يڪٽرڪ جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ڏسڻ ۾ آئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مح??د شهباز شريف سان ڪراچي ا??يڪٽرڪ جي 4 رڪني وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم ڪراچي ا??يڪٽرڪ جي سيڙپڪاري کي ا??رجي سيڪٽر خاص طور تي شمسي توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي ا??يڪٽرڪ کي درپيش سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن. هن چيو ته پاڪستان ۾ شمسي توانائي ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان نجي ۽ عالمي ڪمپنين کي مان کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته حڪومت قابل تجديد خاص طور تي توانائي جي ذخيرن سان بجلي پيدا ڪرڻ کي ترجيح ڏئي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ موجود سرڪاري عمارتن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي حوالي سان قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته ڪراچي ا??يڪٽرڪ جي لائين لاسز ۾ گهٽتائي ۽ روينيو ڪليڪشن ۾ بهتري آئي آهي جيڪو باقي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي لاءِ هڪ مثال آهي. ملاقات ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، وزيراعظم جي خاص معاون جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته ڪراچي ا??يڪٽرڪ جي وفد ۾ شيخ عبدالعزيز حمد الجوميه، شان عباس، نان ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪراچي ا??يڪٽرڪ، سيد مونس عبدالله علوي، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪراچي ا??يڪٽرڪ ۽ عمران حسين قريسي چيف ريگيوليٽري آفيسر ڪراچي ا??يڪٽرڪ شامل هئا.