اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمب??ي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني چيو آهي ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڪشمير مسئلي جو پائيدار حل اڻٽر آ??ي، هٿين خالي ڪشميرين خلاف طاقت جو استعمال نه ته انهن جي آزادي جي تحريڪ کي ڪمزور ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي پاڪستان جي اصولي موقف کي بدلائي سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪ??مير سان ايڪتا جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي ڌار ڌار پيغامن ۾ ڪيو. راجا پرويز اشرف چيو ته ڀارت جو غير قانوني طور تي والاريل ڄمون ڪ??مير جي معصوم ڪشميرين خلاف ظلم ۽ ڏاڍ خطي جي امن لاءِ وڏو خطرو آ??ي، هن چيو ته ڀارت جي هٿ ٺوڪي جمهوري حڪومت طرفان آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جي خاتمي ڪشميري عوام کي انهن جي سڃاڻپ ۽ آزادي کان محروم ڪري ڇڏيو آهي جيڪو عالمي سطح تي ڪشميرين سان ڪيل واعدن جي کليل ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته ڄاڻايل آرٽيڪل جو خاتمو حڪومت جي بي رحماڻي ۽ تعصباڻي پاليسين جي عڪاسي آهي. قومي اسيمب??ي جي اسپيڪر چيو ته پاڪستان ڪ??ميري عوام جي آزادي جي جدوجهد جي اصولي موقف جي حمايت ڪندو رهندو ۽ پاڪستان سمورن علائقائي ۽ عالمي فورمن تي ڪشميرين جي خودمختياري واري جدوجهد جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني چيو ته پاڪستان والاريل وادي ۾ ڪشميري عوام جي خود اراديت واري تحريڪ جي ڀرپور حمايت جاري رکندو ۽ هر فورم تي ڀارتي فوج طرفان ڪ??مرين جي خودمختياري واري حق جي تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ ڪيل ظلمن کي اجاگر ڪندو.