ڪراچي – 24 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تعليم جو فروغ پائيدار ترقي ۽ امن جي ضمانت آهي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري تعليم جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ ملڪ ۾ تعليم جي فروغ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندڙ سڀني استادن ۽ شخصيتن کي سلام پيش ڪيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته 22 ملين کان وڌيڪ پا??ست??ني ٻارن جو اسڪول نه وڃڻ سڄي قوم جي لاءِ فڪر جو لمحو ۽ چئلينج آهي. هن زور ڏنو ته دنيا سان گڏ بيهڻ جي لاءِ اسان جي ٻارن کي رڳو تعليم نه پر مع??اري تعليم جي ضرورت آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته مع??اري تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي جنگي بنيادن تي ختم ڪرڻو پوندو ۽ قوم ??ي حيثيت سان اسان کي پنهنجي ٻارن ۽ نوجوانن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي علم ??ي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي. پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته سندس پارٽي سدائين تعليم جي شعبي ۽ تربيت کي پنهنجي اولين ترجيحن ۾ شامل رکيو آهي. هن چيو ته پارٽي جي باني چيئرمين قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهن??ي حڪومت جي دور ۾ ماضي جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪول ۽ تعليمي ادارا قائم ڪيا. شهيد محترمه بينظير ڀٽو به وزيراعظم ??ي حيثيت سان ملڪ ۾ تعليمي ادارا قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ عورتن جي تعليم ۽ تربيت تي به خاص ڌيان ڏنو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي قيادت هيٺ پا??ست??ن پيپلزپارٽي جي اڳوڻي حڪومت به ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ي??نيورسٽيون ٺاهيون. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 1973ع جو آئين سڀني ٻارن کي هڪ جهڙي تعليمي سهولتن تائين پهچ انهن جو بنيادي حق آهي. هن چيو ته سڀني ٻارن ۽ نوجوانن کي بنا ڪنهن فرق جي مع??اري تعليم جي فراهمي پا??ست??ن پيپلزپارٽي جو منشور آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان رڳو مع??اري ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس تعليم جي نظام جي ذريعي ئي پا??ست??ن کي ترقي يافته قومن جي صف ۾ بيهاري سگهون ٿا.