اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته اها اسان جي گڏيل اخلاقي ۽ سماجي ذميواري آهي ته اسان خصوصي ??اڻهن جي مرڪزي ڌارا ۾ شموليت ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻون، معاشري ۾ انهن جي خلاف امتيازي سلوڪ جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ڪي سي سي آئي) جي دوري دوران ڪيو، جتي هن پاڪستان ۾ خصوصي ??اڻهن کي درپيش سماجي ۽ اقتصادي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. خصوصي ??اڻهن جي پهچ کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي هن ان سلسلي ۾ موجوده قانونن تي مڪمل طور تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ان حوالي سان موجوده خال کي ختم ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن هڪ اهڙي جامع معاشري جي جوڙجڪ کي يقيني بڻائي سگهجي جتي خصوصي ??اڻهن کي ترقي جا موقعا حاصل ٿي سگهن. هن چيو ته خصوصي ??اڻهو معاشري جو هڪ اهم طبقو آهن ۽ اهڙا ڪيترائي مثال آهن جن ۾ خصوصي ??اڻهن پنهنجي معذوري کي پنهنجي مٿان حاوي ٿيڻ نه ڏنو ۽ معاشري ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن ڪراچي چيمبر جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ معذو?? ماڻهن جي لاءِ مالي شموليت ۾ اضافي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. بيگم ثمينه عارف علوي ڪي سي سي آئي جي اهم ميمبرن سان گڏوگڏ اهم ڪاروباري شخصيتن، مقامي اين جي اوز جي نمائندن ۽ ٻين مختلف ڌرين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان دوران معذو?? ماڻهن جي ماليت شموليت جي راهه ۾ ايندڙ مختلف رڪ??وٽن کي ختم ڪرڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.