اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته صدر رجب طيب اردوان جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا اسٽريٽجڪ حصيداري جي نئين دور ۾ داخل ٿي ويا آهن. ترڪيه جي دوري تي روانگي جي موقعي تي پنهنجي ??وئ??ٽ ۾ وزيراعظم چيو ته آئُو?? ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي ترڪيه جي ٻن ڏينهن ??ي دوري تي روانو ٿي رهيو آهيان. وزيراعظم چيو ته پاڪ بحريه جي لاءِ ٽئين ملجم ڪارويٽ جهاز جو افتتاح ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گهري دفاعي لاڳاپن جو مظهر آهي. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جا ??ابطا اسان جي حصيداري جي عڪاسي ڪن ٿا. هن ??رڪ عوام جي گرمجوشي جو ذڪر ڪندي چيو ته ترڪيه ۾ هجڻ ائين آهي جيئن اسان پنهنجي گهر ۾ هُجُون. وزيراعظم چيو ته صدر اردوان جي قيادت ۾ ترڪيه سان پاڪستان سان لاڳاپا اسٽريٽجڪ حصيداري جي نئين دور ۾ داخل ٿيا آهن ۽ اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جا ??واهشمند آهيون.