اسلام آباد-30 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وزارت چيو آهي ته جيو پوليٽيڪل تڪرار، ملڪي ۽ عالمي غير يقيني وارين حالتن عالمي ۽ ملڪي معاشي منظرنامي تي اثر انداز ٿي رهيا آهن، پاڪستان ۾ غير معمولي برساتن ۽ شديد ٻوڏ سبب فصلن کي شديد نقصان پهتو آهي، جنهن سان ملڪ جي مجموعي اقتصادي منظرنامي تي ناڪاري اثر پيا آهن. مارچ 2022ع ۾ بين الاقومي تيل ۽ خوراڪ جي قيمتن ۾ تاريخي واڌ ٿي آهي جنهن جا اثر پاڪستان معيشت تي پڻ پيا آهن ۽ ملڪ ۾ مهانگائيءَ ۾ واڌ ٿي آهي. اها ڳالهه ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل ماهوار اقتصادي اپ ڊيٽ ۾ ڪئي وئي آهي. ناڻي واري وزارت مطابق عالمي ماريڪٽ ۾ قيمتن ۾ گهٽتائيءَ جي باوجود ايڊجسٽمينٽس جي قدمن ۾ دير سبب قيمتن ۾ واڌ جا اثر جاري رهي سگهن ٿا، ان کان علاوه رپئي تي دٻاءُ ??بب پڻ قيمتن ۾ واڌ جو رجحان جاري آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو وي?? ته هاڻوڪي شديد برساتن ۽ ٻوڏ سبب قيمتي انس??ني جانين ۽ ملڪيتن کي نقصان پهتو آهي، هن ٻوڏ ڪيترن ئي خاندانن کي سندن ملڪيت ۽ روزگار کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو وي?? آهي ته ان سبب جاري ماري سال ۾ ملڪ جي اقتصادي پيش منظر غير يقيني واري آهي ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ هدفن جي حاصلات ۾ مشڪل ٿيندي. ماهوار اقتصادي اپ ڊيٽ مطابق جو??اءِ کان آگسٽ جي مهيني ۾ پرڏيهه مان آيل ناڻي جو ڳاڻيٽو 5.2 ارب ڊالر ??ڪارڊ ڪيو وي?? جيڪو گذريل مالي سال جي انهيءَ مُدي جي ڀيٽ ۾ 3.2 سيڪڙو گهٽ آهي. گذريل مالي سال جي ان مُدي ۾ سمنڊ پار پاڪستانين طرفان ڏيهه موڪليل ناڻي جو حجم 5.4 ارب ڊالر ??ڪارڊ ڪيو وي?? هو. جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ روانگي واپار ۾ 11.3 سيڪڙو جي شرح سان اؤسر ٿي آهي. جو??اءِ کان آگسٽ دوران ملڪي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 5.1 ارب ڊالر ??ڪارڊ ڪيو وي?? جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي ۾ 4.6 ارب ڊالر هو. ملڪي آمدني واپار ۾ جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ 2.1 سيڪڙو جي شرح سان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ ملڪي آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 11.1 ارب ڊالر ??ڪارڊ ڪيو وي??، جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي ۾ 11.3 ارب ڊالر هو. ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 1.9 ارب ڊالر ??ڪارڊ ڪيو وي?? جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي ۾ 2.4 ارب ڊالر هو. انگن اکرن مطابق سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ سالي??ني بنيادن تي 26.1 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ سنئين سڌي پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جو ڳاڻيٽو 169.5 ملين ڊالر ??ڪارڊ ڪيو وي?? جيڪو گذريل مالي سال جي ان مدي ۾ 229.5 ملين ڊالر هو. پورٽ فوليو سيڙپڪاريءَ جو ڳاڻيٽو ڪاٽو 25.1 ملين ڊالر ??ڪارڊ ڪيو وي?? جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي ۾ 921.5 ملين ڊالر هو. مجموعي پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ 87.8 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ مجموعي پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جو ڳاڻيٽو 114.1 ملين ڊالر ??ڪارڊ ڪيو وي?? هو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي ۾ 1.19 ميلن ڊالر هو. گذريل سال 28 سيپٽمبر تي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 26.037 ارب ڊالر ??ڪارڊ ڪيو وي?? جيڪو هلندڙ سال 28 سيپٽمبر تي 13.582 ارب ڊالر ??ڪارڊ ڪيو وي??. گذريل سال 28 سيپٽمبر تي ايڪسچينج ريٽ 169.97 رپيا هو جيڪو هلندڙ سال 28 سيپٽمبر تي 232.12 رپيا رڪارڊ ڪيو وي??. انگن اکرن مطابق ايف بي آر جي محصولن ۾ جو??اءِ دوران 9.7 سيڪڙو جي شرح سان اؤسر رڪارڊ ڪئي وئي. جو??اءِ ۾ ايف بي آر 948 ارب رپين جا محصول گڏ ڪيا، جيڪو گذريل سال جو??اءِ ۾ 864 ارب رپيا هئا. جو??اءِ جي مهيني ۾ نان ٽيڪس روينيو ۾ 13 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. هلندڙ سال جو??اءِ ۾ نان ٽيڪس روينيو جو ڳاڻيٽو 41 ارب رپيا رهيو جيڪو گذريل سال جو??ءِ ۾ 47 ارب رپيا هو. سرڪاري شعبي جي سالي??ني ترقياتي پروگرام تحت جو??اءِ ۾ مختلف رٿائن لاءِ 5 ارب رپيا جاري ڪيا ويا. گذريل سال جو??اءِ ۾ پي ايس ڊي پي تحت مختلف رٿائن لاءِ 25 ارب رپيا جاري ڪيا ويا هئا. جاري مالي سال جي پهرين مهيني ۾ مالياتي خسارو جو ڳاڻيٽو 210 ارب رپيا رڪارڊ وي?? جيڪو گذريل سال جو??اءِ ۾ 238 ارب رپيا هو. مالياتي خساري ۾ جو??اءِ دوران سالي??ني بنيادن تي 11.7 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو وي??. هلندڙ سال جو??اءِ ۾ پرائمري خسارو 142 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو وي?? جيڪو گذريل سال جو??اءِ ۾ ڪاٽو 5 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو وي?? هو. جو??اءِ ۽ـ آگسٽ ۾ زريع شعبي لاءِ 226.1 ارب رپين جا قرض فراهم ڪيا ويا جيڪي گذريل مالي سال جي ان مُدي جي ڀيٽ ۾ 31.8 سيڪڙو وڌيڪ آهن. گذريل مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ زرعي شعبي لاءِ 176.6 ارب رپين جا قرض جاري ڪيا ويا هئا. جو??اءِ ۽ آگسٽ ۾ صارفين لاءِ قيمتن جو حساس اشاريو 26.1 پوائنٽ رڪارڊ ڪيو وي?? هو جيڪو گذريل سال جو??اءِ ۽ـ آگسٽ ۾ 8.4 پوائنٽ هو. جو??اءِ ۾ وڏين صنعتن جي پيداوار جو اشاريو ڪاٽو 1.4 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو وي?? جيڪو گذريل سال جو??اءِ ۾ 1.4 سيڪڙو هو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو ڪيس اينڊ 100 انڊيڪس پهرين جو??اءِ تي 41435 پوائنٽس رڪارڊ ڪيو وي?? جيڪو گذريل سال پهرين جو??اءِ تي 41630 پوائنٽس رڪارڊ ڪيو وي?? هو. مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن ۾ جاري مالي سال دوران 2.16 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، ان جي ابتڙ نين ڪمپنين جي رجسٽريشن ۾ 1.65 سيڪڙو جي شرح سان ٿي آهي.