لاڙڪاڻو-10 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش چيو آهي ته پا??ستان ۾ ٻوڏ جون تباهڪاريون خطرناڪ آهن، پا??ستان ٻين ملڪن جي پيدا ڪيل آلودگي کان سڌو سنئون متاثر ٿي رهيو آهي، ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن کي پورو ڪرڻ اڪيلي پا??ستان جي وسيلن سا?? ممڪن نه آهي، دنيا جي ذميداري آهي ته هن مشڪل گهڙي ۾ پا??ستان جو سا?? ڏئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سا?? گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل لاڙڪاڻي ۾ ٻوڏ سبب متاثر ڪيمپ جو دورو ڪيو، ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ڳالهائيندي چيو ته گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل هتي ٻوڏ سبب متاثر علائقن جي صورتحال ڏسڻ آيو آهي، ان خطرناڪ ٻوڏ ۾ 1300 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا، هزارين زخمي، لکين گهر تباهه ٿيا، وڏي پئماني تي بيٺل فصلن کي نقصان پهتو، سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ تباهي ٿي آهي، هر طرف پا??ي ئي پا??ي آهي، گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل متاثرن سا?? همدردي لاءِ هتي آيو آهي، توهان جي مشڪلاتن ۽ تڪليفن جو احساس آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت گڏجي توهان جي خدمت ۾ حاضر آهي، هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي 25 هزار روپيا في خاندان متاثرن ۾ ورهايا پيا وڃن، ان لاءِ وفاق 70 ارب روپيا فراهم ڪري رهيو آهي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش چيو ته گڏيل قومن طرفان ان خطرناڪ سا??حي تي توهان سڀني سا?? يڪجهتي ۽ همدردي جو اظهار ڪري ٿو، ماضي ۾ چوماسي دوران مختلف ملڪن ۾ برساتون ڏٺيون آهن، ترقي يافته ملڪن ماحوليات کي آلوده ڪري ڇڏيو آهي، صنعتن جي ڪري آلودگي زمين جي گرمي پد ۾ وڏي حد تائين اضافو ڪري ڇڏيو آهي، گليشيئرز تيزي سا?? پگهرجي رهيا آهن جنهن سا?? ٻوڏ اچي رهي آهي، اها صورتحال پا??ستان کي به ??رپيش آهي، هن چيو ته پا??ستان ان ماحولياتي آلودگي جو ذميدار نه آهي پر ٻين ملڪن جي پيدا ڪيل آلودگي جو شڪار آهي، هن چيو ته پا??ستان جي موجوده صورتحال وڏي پئماني تي مدد جي ضرورت آهي، هو آلودگي جي ڪري موسمياتي تبديلين جو شڪار آهي، ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي، گهرن جي تعمير، آبادگارن جي نقصانن جي ازالي لاءِ ان کي وڏن وسيلن جي ضرورت آهي، تنهن هوندي به ??ڪيلو پا??ستان ايترا وسيلا نٿو رکي جو هو ان جو ازالو ڪري سگهي، جن ملڪن اهي حالتون پيدا ڪيون هي انهن جي ذميداري آهي ته هو ان صورتحال مان نڪرڻ ۾ پا??ستان جي مدد ڪن، سيڪريٽري جنرل چيو ته آلودگي جو سبب بڻجندڙ ملڪ فطرت جي خلاف پنهنجي جنگ بند ڪن، اهو ڪنهن به ??ور تي مناسب نه آهي، موسمياتي تبديلين جي حالتن جو سبب بڻجندڙ آلودگي کي روڪين، هن چيو ته مشڪل جي هن گهڙي ۾ جيڪو آواز پا??ستان جو آهي اهو ئي گڏيل قومن جو به ??هي، هن چيو ته اسان کي موجوده صورتحال سبب پيدا ٿيل مسئلن ۽ تڪليفن جو احساس آهي، ان لاءِ گڏيل قومن جي پليٽ فارم تان ڀرپور آواز اٿارينداسين. هن چيو ته ٻِهراڙي جي علائقي ۽ خانداني آبادگاري جي شعبي سا?? لاڳاپيل ناطي هو آبادگارن جي ٿيندڙ نقصانن کي سمجهي ٿو. هن دعا ڪئي ته ڪو اهڙو معجزو ٿي وڃي جو توهان جي سمورن نقصانن جو ازالو ممڪن ٿئي، ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته متاثرن لاءِ في خاندان 25 هزار روپيا وفاق طرفان پيش ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورائتا آهيون، متاثرن جي ان روڪ امداد مان ڪجهه نه ڪجهه داد رسي ٿي رهي آهي، هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ان ڏک درد ۾ شريڪ ٿي رهيو آهي ته جيڪا تاريخي ڳالهه آهي، هن چيو ته عالمي دنيا سا?? گڏجي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ا??ڙو منصوبو جوڙيندي ته آئنده ٻوڏ سبب انفرااسٽرڪچر کي ان قدر نقصان نه پهچي.