اسلام آباد – 18 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قوم کي فيٽف جون شرطون پوريون ٿيڻ ۽ وائيٽ لسٽ ۾ پ??ڪس??ان جي واپسي جي راهه هموار ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ”ٽيم پ??ڪس??ان“ کي مبارڪباد هجي جنهن پ??ڪس??ان جي لاءِ ڪامياب ڪوشش ڪئي، گري لسٽ مان پ??ڪس??ان جو نالو ڪڍرائڻ جي قومي ڪوشش ڪندڙ سموري سول ۽ ملٽري ٽ??م کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي به مبارڪباد ڏيان ٿو، سندس قيادت ۾ ٽ??م کي اها اهم ڪاميابي ملي، عسڪري قيادت کي فيٽف جي گري لسٽ مان پ??ڪس??ان جو نالو ڪڍرائڻ جي عمل تي مبارڪ، پ??ڪس??ان کي ملندڙ ان وڏي ڪاميابي تي توهان جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو. هن چيو ته جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف جي قائم ڪيل ”ڪور سيل“ پ??ڪس??ان جي ان اهم ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، آڪٽوبر ۾ فيٽف ٽيم جي دوري کانپوءِ پ??ڪس??ان جو نالو گري لسٽ مان نڪري ويندو، گري لسٽ مان پ??ڪس??ان جو نالو نڪرڻ سٺو سنئوڻ آهي، ايندڙ وقت ۾ پ??ڪس??ان کي وڌيڪ ڪاميابيون ملنديو??. ه?? چيو ته جنهن ٽيم ورڪ ۽ جذبي سان گري لسٽ مان پ??ڪس??ان جو نالو ڪڍرائڻ جي ڪوش?? ٿي، اها ئي قومي ڪوشش معيشت جي بحالي لاءِ به ڪري رهيا آهيون، قوم کي مايوسي، نااميدي ۽ معاشي ابتڙي مان ڪڍي تعمير، ترقي ۽ خوشحالي طرف واپس آڻينداسين.