اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چي?? آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت گوادر ۾ پاڻي ۽ بجلي جو ڪو به منصوبو مڪمل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، اربين روپيا ۽ قيمتي وقت ضايع ڪيو، گوادر ايئرپورٽ ۽ گوادر بندرگاهه جي صورتحال سٺي نه آهي، پاڪستان جي ترقي بل??چستان ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي سان جڙيل آهي، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چي?? ته گوادر جي دوري دوران مون ڏٺو ته ڪهڙي طرح پي ٽي آءِ حڪومت گوادر جي ماڻهن کي مايوس ڪيو، اربين روپيا ۽ قيمتي وقت ضايع ڪيو ويو، گوادر جي بندرگاهه جي لاءِ وڏيون قربانيون ڏيندڙ مقامي ماڻهن لاءِ پاڻي ۽ بجلي جي مسئلن جي حل لاءِ ڪو به منصوبو مڪمل ??اه?? ڪيو ويو. وزيراعظم چي?? ته گوادر جي بندرگاهه ۽ گوادر هوائي اڏي جي تعمير جي صورتحال به ٺيڪ نه آهي، بندرگاهه تي ڪا ڊريجنگ ??اه?? ڪئي وئي، جنهن جي ڪري ڪو وڏو ڪارگو جهاز لنگر انداز نٿو ٿي سگهي. وزيراعظم چي?? ته گوادر يونيورسٽي ايئرپورٽ ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ ڊي سيلي نيشن پلانٽ لڳائڻ جي جلد پڄاڻي جو حڪم ڏنو ويو آهي. هن چي?? ته پاڪستان جي مجموعي ترقي بل??چستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي سان ڳنڍيل آهي، اتحادي حڪومت بل??چستان جي صوبائي حڪومت ۽ مقامي چڱن مڙسن سان گڏجي مستقبل جي لاءِ لائحه عمل جي تعين لاءِ پرعزم آهي.