اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان والاريل ڪشمير جي گادي واري شهر سرينگر جي جامع مسج?? ۾ ??ب قدر ۽ جمعته الوداع جي اجتماعن تي پابندي جي سخت لفظن ۾ م??مت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڀارتي قابض ??وج رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هٿين خالي ڪشميرين تي ظلم ۾ تيزي آندي آهي، ڀارتي قابض ??وج سرينگر جي جامع مسج?? ۾ ??ب قدر ۽ جمعته الوداع جي اجتماعن تي پابندي لڳائي جنهن جي پاڪستان سخت لفظن ۾ م??مت ڪري ٿو، هن چيو ته امن ۽ رحمت جي مقدس مهيني ۾ ڪشميري مسمانن جي مذهبي آزادي تي پابندي لڳائي وئي آهي جيڪا قابل م??مت آهي. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض ??وج پاران اهو ظالماڻي قدمن جي هڪ نئين ڪڙي آهي جنهن سان مسلمانن جا مذهبي جذبا مجروح ٿيا آهن، ان کان اڳ والاريل ڪشمير ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي، مسجدن ۽ درگاهن کي باهه ڏيڻ جا ناپاڪ واقعا به رونما ٿي چڪا آهن، هن چيو ته ڀارتي ??وج والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائماليون ڪري رهي آهي ۽ ان مذهبي آزادين تي پابندي لڳائي رکي آهي، ترجمان چيو ته پاڪستان والاريل علائقي ۾ ڀارت جي هٿان ڪشميري مسلمانن جي مذهبي آزادي تي پابنديون لڳائڻ جي سخت م??مت ڪري ٿو.