جده – 29 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جي دوري جي ٻئي ڏينهن مدينه منوره کان جده پهچي ويو. مڪه جي گورنر خالد بن فيصل السعود ۽ سعودي عرب جي قومي سلامتي جي صلاحڪار ڊاڪٽر مسعد بن ??حم?? العيبان هوائي اڏي تي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم مدينه منوره ۾ قيام دورن ٻه ڀيرا روزه رسول ﷺ تي حاضري ڏني، رياض الجنته ۾ نوافل ادا ڪيا، جمعته الوداع جي نماز مسجد نبوي ۾ ادا ڪئي، ملڪي سلامتي، ترقي ۽ سماجي خوشحالي لاءِ دعائون گهريون. وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري، مفتاح اسماعيل، نوابزاده شاهه زين بگٽي، مريم اورنگزيب، خواجه ??حم?? آصف، چوڌري سالڪ حسين، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، محسن داوڙ ۽ مولانا طاهر اشرفي به وزيراعظم سان وفد ۾ شامل آهن. وزارت ع??مي?? جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم جو اهو پهريو?? غير ملڪي دورو آهي، دوري دوران وزيراعظم ولي عهد شهزاده ??حم?? بن سلمان بن عبدالعزيز ۽ لاڳاپيل عملدارن ??ان ملاقاتن ۾ اقتصادي، واپاري ۽ رابطن کي واڌائڻ ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ سعودي عرب ۾ پاڪستاني افرادي قوت لاءِ روزگار جا وڌ کان وڌ موقعا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندو، ان موقعي تي دوست ملڪ گڏيل دلچس??ي جي معاملن خاص طور تي ڪيترن ??ي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. پاڪستان ۽ سعودي عرب ڀائراڻي لاڳاپن ۾ جڙيل آهن جيڪي گڏيل اعتماد ۽ افهام ۽ تفهيم، ويجهي تعاون ۽ هڪٻئي جي حمايت جي لازوال روايت تي ٻڌل آهن، پاڪستان جي عوام حرمين شريفين جي متولي کي انتهائي عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿي، سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده ??حم?? بن سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي اعليٰ سطحي سرڪاري دوري تي آهي.