اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاناما، پنڊورا ۽ هاڻي سوئس اڪائونٽس مان اها ئي ڪهاڻي سامهون آئي ته اڳ ۾ پئسا چوري ڪريو، پوءِ ملڪ کان ٻاهر موڪلي ڇڏيو، ڪرپشن ۽ مني ??ان??رنگ پاڪستان جهڙن ملڪ جو اهم ترين مسئلو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ان مسئلي تي م??لس?? آواز اٿاري رهيو آهي ته ام??ر ملڪ غريب ملڪن جي ان استحصال کي روڪين. هن چيو ته مني ??ان??رنگ ڪندڙ سڀ گڏ ٿي هاڻي اتحاد بڻائي رهيا آهن.