اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو ??هي ته ملڪ ۾ روزاني 25،000 ٽن يوريا جي پيداوار ٿيندي ??هي جيڪا اسان جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي، جيڪي ماڻهو هٿرادو کوٽ پيدا ڪرڻ ۾ ملوث آهن انهن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو.
اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ ڀاڻ خاص طور تي يوريا جي گهرج ۽ پهچ جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته گذريل سال ملڪ ۾ ڪڻڪ، ڪمند، ڪپهه ۽ مڪئي جا رڪارڊ بمپر فصل پيدا ٿيا ۽ حڪومت جي زراعت دوست پاليسين جي ڪري مالي سال 21 -2020ع ۾ آبادگ??رن 822 ارب روپيا اضافي آمدني حاصل ڪئي، اضافي آمدني جي نتيجي ۾ آبادگ??رن پاران يوريا جي وڌيڪ خريداري ٿي آهي، هن چيو ته حڪومت غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪڻڪ جي وڌ کان وڌ پيداوار لاءِ مناسب مقدار ۾ ڀاڻ فراهم ڪرڻ تي ڌيان ??ئي رهي آهي، هن چيو ته آبادگ??رن کي خاص طور تي ايندڙ ٽن هفتن ۾ ڀاڻ جي دستيابي ڪڻڪ جي بمپر فصل مادل ڪرڻ لاءِ گهڻو اهم آهي.
وزيراعظم لاڳاپيل عملد??رن کي ربيع جي فصلن لاءِ يوريا جي سپلائي چين جي موثر انتظام لاءِ سمورا امڪاني قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن صوبائي چيف سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي ته هو ضلعي انتظاميه جي ذريعي ڀاڻ جي ذخيره اندوزي، اسمگلنگ ۽ سپلائي چين کان ٻاهر مڊل مين جي ذريعي خريداري کي روڪڻ لاءِ موثر قدم کڻي، هن سمورن لاڳاپيل عملد??رن کي هدايت ڪئي ته هو ڀاڻ جي ??رو??يوسرز سميت سمورين لاڳاپيل ڌرين سان ??ڏجي ڪم ڪن ته جيئن هن سال ڪڻڪ جي رڪارڊ پيداوار حاصل ڪرڻ جي لاءِ آبادگ??رن کي يوريا جي مناسب فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي.